سرڪار جو رپيو به جلسي تي خرچ نه ڪيو، ڪراچي واري جلسي جي ڪاميابي تي روز هڙتالن ۽ ڌرڻن جا سڏ ڏيندڙن کي تڪليف ڇو پئي ٿئي؟ وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاه چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي مزار قائد ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر تي شاندار ۽ عظيم الشان جلسو ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي آهي ،جنهن سان مخالفن جو وايون بتال ٿي ويون آهن.لکن جي تعداد ۾ هڪ وڏو ميڙاڪو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جي وقت سندن تاريخي استقبال لاءِ موجود هو ۽ 18 آڪٽوبر تي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي باقاعده سياسي ڪيريئر شروع ڪرڻ تي به لکين ماڻهن جي موجودگي پاڪستان پيپلزپارٽي جي عوامي مقبوليت جي عڪاسي ڪري ٿي. پي پي پي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ جهنڊو بلند ڪيو آهي ۽ عوام ڀرپور ولولي ،جوش ۽ جذبي سان ساڻس گڏ آهي. هن چيو ته مخالف الزام هڻي رهيا آهن ته سنڌ حڪومت جي خزاني مان جلسي تي خرچ ڪيو ويو جيڪو بلڪل غلط آهي ۽ ان جي اسين مذمت ڪيون ٿا،جلسي تي هڪ رپيو به سرڪاري نه لڳو آهي ،جلسي جا سڀ خرچ پارٽي ڪارڪنن ۽ تنظيم برداشت ڪيا آهن. اها ڳالهه هن جمعي ڏينهن 18 آڪٽوبر تي پي پي پي جي تاريخي جلسي ۽ چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري جو ڪامياب سياسي ڪيريئر باقاعده شروع ٿيڻ تي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن ،پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين ،اطلاعات سيڪريٽرين جي مان ۾ چيف منسٽر هائوس ۾ مانجهاندي جي دعوت ۾ خطاب ڪندي چئي. وڏي وزير ڪامياب ۽ بي مثال جلسي تي پي پي پي جي قيادت ،مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن، ڊويزنل ۽ ضلعي تنظيمن ۽ ذيلي تنظيمن جي عهديدارن ،پي پي ڪارڪنن ۽ همدردن کي واڌايون پيش ڪيو ۽ سندن ٿورا مڃيا.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي پي جي ڪامياب جلسي سان انهن ماڻهن کي ڇو ٿي تڪليف ٿئي جيڪي روزانو جلسا ڪن ٿا ۽ هڙتالن ۽ ڌرڻن جا سڏ ڏين ٿا،پي پي پي ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ته انهن ماڻهن کي تڪليف ڇو پئي ٿئي. پي پي پي هينئر به ملڪ جي سڀ کان وڏي مضبوط ترين سياسي پارٽي آهي ،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو شهيد تائين پي پي پي جي تاريخ جمهوريت ۽ عوام لاءِ قربانين ۽ جدوجهد سان سلهاڙيل آهي ،تازو ڪامياب جلسو انهن ئي قربانين جو ثمر آهي ،عوام ۾ پارٽي لاءِ ساڳيو ئي جوش ۽ جذبو آهي.مزار قائد ويجهو جلسي گاه کان علاوه سپرهاءِ وي ڪاٺوڙ تائين عوام جو سمنڊ هو جيڪو محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي بعد پهريون ڀيرو ڏٺو ويو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عوام جي بهتري ۽ صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سنڌ حڪومت کي هدايت ڏيندو رهندو آهي ۽ اسين سندس قيادت ۽ رهنمائي ۾ عوام جي ڏينهن رات خدمت ڪري رهيا آهيون .سيد قائم علي شاه چيو ته جڏهن ملڪ مشڪل حالتن ۾ هو ته چيئرمين پي پي پي آصف علي زرداي “ پاڪستان کپي“ جو نعرو بلند ڪيو،جنهن تي ماڻهن لبيڪ چيو ۽ هن اقتدار ۾ اچڻ بعد 12 سالن جي آمريت دوران ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍيو ،ملڪ جي ترقي ۾ به ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ ۾ مفاهمت جي سياست کي زور وٺايو ۽ پارٽي کي به سنڀاليو ۽ عوام کي سندن حق ڏنا.تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه جلسي جي ڪاميابي تي پي پي پي سنڌ ۽ پي پي پي ڪراچي ڊويزن کي واڌايون ڏنيون.هن چيو ته 18 آڪٽوبر جي جلسي جو مقصد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي ڪيريئر انهيءَ هنڌ تان شروع ڪرڻ هو ،جتي محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجو سفر ڇڏيو هو ،پي پي پي چئين وڏن آمرن خلاف جدوجهد ڪئي آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن ،پي پي پي جون قربانيون ماڻهن نه وساريون آهن.هن چيو ته پي پي پي جو وجود ورڪرن جي ڪري آهي.سيد خورشيد شاه چيو ته موجوده حالتن ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته اسين نواز شريف سان گڏ بيٺل آهيون ،اسين نواز شريف سان نه پر جمهوريت سان گڏ بيٺل آهيون .سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته عظيم الشان عوامي جلسو مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي ،سندن ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ پي پي جي مقبوليت مخالفن جي سمجهه کان مٿاهين آهي. مانجهاندي جي تقريب ۾ صوبائي وزيرن منظور وساڻ، ،مير هزار خان بجاراڻي ،ڄام خان شورو ،قومي اسيمبلي جو ميمبر نويد قمر،سينيٽر مولابخش چانڊيو،سينيٽر عاجز ڌامراه ،سينيٽر هري رام ،سينيٽر قيوم سومرو ،پيرآفتاب شاه جيلاني،مخدوم رفيق الزمان،قادر پٽيل ،اين ڊي خان ،نجمي عالم ،لعل بخش ڀٽو ،سينيٽر سحر ڪامران ،ايم اين اي شاهده رحماني ،ثريا جتوئي،وڏي وزير جي خاص معاونين وقار مهدي ،راشدي رباني ،صديق ابوڀائي ،قومي ،صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

Full Article..

ڀارت کانپوءِ ايران جون به سرحدي ڀڃڪڙيون جاري،6 مارٽر گولا فائر، پاڪستان جي جوابي ڪارروائي

ڪوئيٽا (م ڊ)ڀارت کانپوءِ ايران جون به سرحدي ڀڃڪڙيون جاري،6 مارٽر گولا فائر، پاڪستان جي جوابي ڪارروائي تي هٿيار خاموش. رپورٽ موجب ايراني سيڪيورٽي فورسز پاڪستان جي علائقي ماشڪيل ۾ هڪٻئي پويان 6 مارٽر گولا فائر ڪيا ويا. ٻئي پاسي مارٽر گولا ميداني علائقن ۾ ڪرڻ سبب جاني نقصان نه ٿيو،وقفي وقفي سان حملن سبب علائقي ۾ خوف هراس پکيڙجي ويو. جڏهن ته پاڪستان به جوابي ڪارروائي ڪندي مارٽرگولا فائر ڪيا،جنهن بعد ايراني هٿيار ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي ويا.ايران ڪجهه ڏينهن کان لاڳيتو پاڪستاني سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لڳو،پاڪستان ڪيترائي ڀيرا پرڏيهي سطح تي احتجاج پڻ ڪري چڪو آهي.

Full Article..

ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي،موذي مرض مان ڇوٽڪاري لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ اسان جو عزم آهي جنهن لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن وزيراعظم هائوس ۾ پوليو جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پوليو کان متاثر ٻارن ۽ انهن جي والدين شرڪت ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارا ۽ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرن لاءِ حڪمت عملي بڻائي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم آفيس پوليو جي خاتمي بابت قدمن جي نگراني ۽ اڳڀرائي جو پاڻ جائزو ٺي رهي آهي وزيراعظم نواز شريف چيو ته موذي مرض کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ پوليو ايمرجنسي قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهانه بنياد تي وزيراعظم فوڪس گروپ جو اجلاس ٿئي ٿو جنهن ۾ موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو آهي.هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف سان محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ظفر الحق الڳ الڳ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو هر سطح تي مقابلو ڪيو ويندو. پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال، بلوچستان ۾ امن امان، مولانا فضل الرحمان تي ٿيل حملي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي جو هر سطح تي مقابلو ڪيو ويندو، حڪومت دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ تي پرعزم آهي، دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

Full Article..

متحده سان ڪو به ڳجهو ٺاهه نه پيو ٿئي سندن ميمبرن جو استعيفائون گورنر کي منظور ڪرڻيون آهن:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده سان ڪو به ڳجهو ٺاهه نه پيو ٿئي سندن ميمبرن جو استعيفائون گورنر کي منظور ڪرڻيون آهن.سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متحده فيصلي تي پاڻ نظرثاني ڪندي، وزيرن ۽ صلاحڪارن جو استعيفائون منظور ٿيون ته کين اپوزيشن جون سيٽون الاٽ ڪيون وينديون.ڪا به حڪومت ناهي چاهيندي ته ان جي صوبي ۾ دهشتگردي ٿئي، بلوچستان حڪومت تي الزام غلط هنيا پيا وڃن.پيپلزپارٽي جي حڪومت تي به اهڙا الزام لڳندا رهيا آهن، حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم هئي ۽ هاڻي به آهي.ڪراچي ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن جاري آهي، ڪنهن به تنظيم خلاف نه پر ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.

Full Article..

ڪعبته الله جو ڪنجي برادر شيخ عبدالقادر الشيبي لاڏاڻو ڪري ويو

 مڪو شريف (م ڊ)ڪعبته الله جو ڪنجي برادر شيخ عبدالقادر الشيبي لاڏاڻو ڪري ويو.شيخ عبدالقادر الشيبي 74 ورهين جي ڄمار ۾ مڪي شريف ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.ڪعبته الله جي ڪنجي برادر کي انتهائي عزت ۽ احترام سان جوڳو سمجهيو وينديو آهي.الشيبي خاندان ۾ اها روايت صدين کان هلندي پئي اچي،سندن شجرو شيبه بن عثمان ابي طلحه رضه سان ملي ٿو. جنازي نماز مسجد الحرام ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سرڪاري عملدارن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو. واضح رهي ته شيخ عبداالقادر نيشنل گاڊ اسپتال ۾جيري جي مرض سبب داخل هو، کيس ڪعبته الله جي چاٻي چاچي عبدالعزيز الشيبي جي لاڏاڻي کانپوءِ ملي، ڇاڪاڻ جو اها روايت آهي ته شيبي خاندان ۾ سڀ کان وڌيڪ پيرسن کي ڪعبته الله شريف جي چاٻي ڏني وڃي ٿي. ڪعبته الله شريف جي ڪنجي بردار هن خاندان جي ذمي ۾ ڪعبته الله کولڻ، بند ڪرڻ ۽ ان کي غسل ڏيڻ شامل آهي، هينئر الشيبي خاندان ۾ ڊاڪٽر صالح بن طحه معمر ترين شخص آهي جنهن کي ڪعبته الله شريف جي چاٻي حوالي ڪئي ويندي. ٻئي طرف پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي حڪومتن ۽ انهن جي حڪمرانن جاري ڪيل بيانن ۾ ڪعبته الله شريف جي ڪنجي بردار شيخ عبدالقادر الشيبي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، مختلف ميڊيا چينلز ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته پاڪستان پاران تعزيت لا ءِ جلد ڪو نمائندو سعودي عرب روانو ٿي سگهي ٿو،

Full Article..

نادرا قومي اسيمبلي تڪ 215 جي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، 27هزار 273 ووٽ غلط هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر)نادرا قومي اسيمبلي تڪ 215 جي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، 27هزار 273 ووٽ غلط هجڻ جو انڪشاف ٿيو. نادرا جي جاري ڪيل رپورٽ موجب تڪ ۾ هڪ لک 74 هزار 625 ووٽ وڌا ويا، جن مان 47 هزار 291 ووٽ صحيح ۽ 27 هزار 273 غلط هئا.229ووٽ ڪنهن ٻئي جي سڃاڻپ ڪارڊ تي وڌا ويا،99752 ووٽن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته 28 سيڪڙو ووٽ گهربل معيار تي لٿا،ووٽن جي تصديق نه ٿيڻ جو سبب غير معياري مس آهي، مقناطيسي مس استعمال نه ڪئي وئي هئي.اين اي 215 تڪ تان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ نواب علي وساڻ ڪامياب ٿيو هو، غوث علي شاهه سندس ڪاميابي تي چئلينج ڪيو هو.

Full Article..

سڪار لي آئوٽ